اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سيمي??ار ٿيو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمي??ار ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. سيمي??ار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي، جسٽس علي نواز چوهاڻ، ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊي جي ڊائريڪٽر انڊيا اسٽڊي سينٽر ڊاڪٽر ارشد علي، ڪشميري دانشور ڊاڪٽر وليد رسول ۽ ٻين مقر??ين خطاب ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اعزاز احمد چوڌري خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام 1931ع کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، 3 سال اڳ والاريل ڪشمير جي سڃاڻپ تي حملو ٿيو ۽ ڀارت هاڻي والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي آبادي جو تناسب تبديل ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشمي??ين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري رکندو. ڊاڪٽر ارشد علي سيمي??ار کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جا هڪطرفا قدم عالمي قانونن، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي آهي،هن چيو ته والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي قابض فوج 640 ماڻهن کي شهيد ڪيو آهي جن مان 120 کي حراست دوران قتل ڪيو ويو جڏهن ته رياست جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ 3 ملين ڊوميسائيل جاري ڪيا آهن. سيمي??ار کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪليم عباسي خطاب ڪندي چيو ته 5 آگسٽ 2019عڳ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ت??ين ڏينهن آهي، ڪشمير گڏيل قومن جي ايجنڊا تي تڪراري مسئلو آهي پر ڀارت اها دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ان جو اڻٽٽ انگ آهي، 5 آگ??ٽ جي غيرقانوني قدم کانپوءِ ڀارت والاريل ڪشمير ۾ اهڙا قانون لاڳو ڪيا آهن جن جو مقصد مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. گيمبيا جي اڳوڻي چيف جسٽس علي نواز چوهاڻ سيمي??ار کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ڪشمير جي ڊيموگرافي تبديل ڪري رهيو آهي، ڪنهن به تڪراري علائقي ۾ اهڙي ڪا به ڪارروائي ۽ ماڻهن تي ظلم جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته انهن معاملن کي گڏيل قوم ۽ ٻين عالمي قانوني فورمن تي کڻي وڃي سگهجي ٿو. سينيٽر مشاهد حسين سيد سيمي??ار جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته 5 آگھسٽ 2019ع جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي ابتڙ ۽ پاڪستان سان معاهدن تي حملو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ 50 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پراپرٽي لاء به تبديل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڀارت ان دوران ڪشمير جي معيشت کي 5.3 ارب ڊالر جو نقصان پهچايو آهي جڏهن ته ن جي نتيجي ۾ 5 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته ڀارت جو اصل هدف پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ڪشميري دانشور اڪٽر وليد رسول چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني آهي. هن چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي سان والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن کي نه ٿو دٻائي سگهي. مقر??ين چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشمي??ين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهندا، ملڪ جي سمو??ين سياسي پارٽين جو ڪشمير تي هڪ جهڙو موقف آهي. 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارت جي حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي جو ڪشمير بابت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ جو مقصد رياست ۾ بي جي پي کي اقتدار ۾ آڻڻ آهي.