اسلام آبا?? – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 آگسٽ تي هرنائي بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستان آرمي جي جوانن جي ??ار??ن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر نائيڪ محمد عاطف ۽ سپاهي قيوم جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صد?? فرض سرانجام ڏيڻ دوران جان قربان ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.