اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??رط??نوي هاءِ ڪميشن ويو ۽ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ ??رط??نيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ملڪه ??رط??نيا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هاءِ ڪميشن ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. سندس اچڻ تي ??رط??نوي هاءِ ڪمشنر هاءِ ڪميشن جي ٻين آفيسرن سان گڏ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئي. ان کان اڳ وزيراعظم ??رط??نوي وزيراعظم لز ٽروس کي پڻ خط لکيو هو ۽ شاهي خ??ند??ن، ??رط??نوي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪه ايلزبيٿ عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجي خدمتن کانسواءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي علامت هئي. ??رط??نيا ۾ 7 ڏهاڪن تائين سڀ کان ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ملڪه ايلزبيٿ خميس ڏينهن 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.