اسلام آبا??– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو ??نياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ??ڪر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت کي ورجايو. مملڪتي وزير افغانستان جو ??وست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان مق??د جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي اهم ڪردار جو ??اص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيرا??ظم جي خصوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ام?? ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.