اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورن وفاقي وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ ??وا??شن ۽ صحتيابي لاءِ ??عائن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير، غربت جي خاتمي ۽ سم??جي تحفظ واري وزير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين واري وزير، مواصلات واري وزير، توانائي واري وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ??يليف ۽ بحالي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي خاص ط??ر تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن ازالي لاءِ مدد جي خاطري ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??نهن خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ ??عا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ ??عا به ڪئي.