اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف افغان بارڊر فورسز پاران چمن ۾ اشتعال انگيز گولاباري ۽ فائ??نگ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت يق??ني بڻائي ته اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جي بارڊر فورسز پاران چمن ۾ اشتعال انگيز گولاباري ۽ فائرنگ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهري شهيد ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اهو واقعو بدقسمتي ۽ سخت مذمت ج??ڳو آهي. هن افغان عبوري حڪومت کي چيو ته اها اهو يق??ني بڻائي ته اهڙا واقعا ورجايا نه وڃن.