اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگ??دي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، قوم دهشتگ??دي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ??هل??ارن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن شهيدن جي وارثنس ان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چي?? ته دهشتگ??دي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه هٽنداسين. هن شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دهشتگ??دي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همد??دي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.