اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطحي نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ ??نع??د ڪندڙ اداري پاڪستان جي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري کي نوجوان ۽ متحرڪ پرڏيهي وز??ر طور تسلي?? ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هُئي جٿي هُن اهم مقرر جي حيثيت سان خطاب ڪيو، ناشتي ۾ آمريڪا ۽ سڄي دنيا مان 1400 کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي، تقريب جو اهتمام ڪندڙ فائونڊيشن پرڏيهي وز??ر کي هڪ نوجوان ۽ متحرڪ پرڏيهي وز??ر طور تسلي?? ڪيو. نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ هڪ اعليٰ سطحي ايونٽ آهي، جيڪو 1953ع کان هر سال ??نع??د ٿئي ٿو جيڪو عقيدي ۽ جمهوريت جي اهميت تي اهم زور سان گڏ موجوده مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ آمري??ي ۽ عالمي اڳواڻن کي پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو. هن سال جي ايونٽ ۾ اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻه پڻ شرڪت ڪئي.