اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ع??ران خان پاڪستا?? جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهي ٿو، سندس گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، نه ئي ا?? جي گرفتاري جو چونڊن ۾ دير سان ڪو تعلق آهي. عالمي نشرياتي اداري ”اسڪائي نيوز“ سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ع??ران خان قا??ون سان تعاون ڪرڻ بدران مسلسل قا??ون شڪني ڪري رهيو آهي، پوليس رڳو عدالتي ح??من تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ان تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ ان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن چيو ته پوليس وٽ ڪنهن به قسم جو ڪو اسلحو نه آهي، پوليس عدالتي ح??من تي عملدرآمد ڪرڻ جي لا??ِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي پوليس تي بمن سان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. هن وقت تائين ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور سميت 65 پوليس اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته عدالت پاران جاري وارنٽ گرفتاري تي پوليس اسلحي کانسواءِ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي لا??ِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي، عمران خان کي ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ع??ران خان مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، عمران خان چوي ٿو ته کيس سيڪيورٽي خطرا آهن ۽ انهي لمحي چوي ٿو ته هو سياسي جلسو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، جڏهن عدالت کيس ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ جو چوي ٿي ته ع??ران خان سيڪيورٽي خطرن جو بهانو بڻائي ٿو. هن چيو ته ع??ران خان پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه، سول وار ۽ افراتفري چاهي ٿو، هو ماڻهن کي تشدد جي لاءِ ڀڙڪائي رهيو آهي، پوليس جڏهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ اچي ٿي ته هو عورتن ۽ ٻارن کي پوليس آڏو بيهاري ڇڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستا?? جي موجوده خراب معاشي صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچايو، عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي. هن چيو ته ع??ران خان جا گرفتاري وارنٽ ا?? جي خلاف ڪرپش?? جي ڪيسن ۾ جاري ٿيا آهن، عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ پنهنجي سياسي مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو، هو جڏهن وزيراعظم هو ته پنهنجي سياسي مخالفن جا گرفتاري وارنٽ پاڻ جاري ڪرائيندو هو، هُن پاڪستا?? جي تشخص کي پائمال ڪرڻ چاهيو ٿي، عمران خان وزارت عظميٰ جي عهدي تي ويهي ميڊيا سان پڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو.