اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ نيپال جي سفير تاپس اڌيڪاري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ نيپال ڏکڻ ايشيا جي اهم تنظيم سارڪ جا باني ??يم??ر ملڪ ??هن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي نيپالي هم منصب جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ??ڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ل??ڳا??ن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.