اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يوني??رس??ي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور ڪندي يوني??رس??ي کي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چ??و ته ڪامسٽس يوني??رس??ي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يوني??رس??ي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. صدر چ??و ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يوني??رس??ي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌا??و ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چ??و ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، شاگرد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شاگرد موقف اختيار ڪ??و ته اهليت جو معيار جانچڻ يوني??رس??ي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي محتسب يوني??رس??ي کي رڳو ??عا??لي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل منظور ڪندي وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چ??و ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، شاگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يوني??رس??ي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چ??و ته يوني??رس??ي حماد بن زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.