اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت آسان شر??ن تي قرضن جي فراهميءَ لاءِ 10 ارب رپيا، يوٿ اسڪلز پروگرام لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ تقرير دوران ناڻي واري وزير اسحاق ڊآر چيو ته اسان جي م??ڪ جا نوجوان حڪومت جي خاص توجهه جا گهرجائو آهن ڇاڪاڻ ته اڄ جا نوجوان ئي اسان م??ڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن. هو قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ تجويز آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنهن نوجوان يا نوجوانن تي ٻَڌل اي او پي طرفان شروع ڪيل ڪاروبار سان ٿيل آمدنيءَ تي ٽيڪس جي شرح ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وڃي. هيءَ رعايت انفرادي يا اي او پي ج?? صورت ۾ 20 لک رپين تائين ۽ ڪمپنيءَ ج?? صورت ۾ 50 لک رپين تائين هوندي. ان سهولت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي ڪاروبار جي ما??ڪ جي عمر 30 سال هجي ۽ هو ڪاروبار پهرين جولاءِ 23ع يا ان کان پوءِ شروع ڪيو وڃي، ان سان ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن جي همت افزائي ٿيندي ۽ نئين بزنس آئيڊيا رکندڙ بزنس ليڊرز سامهون اچي سگهندا. وزيراعظمي وٿ پروگرام ذريعي ننڍن قرضن جي حاصلات تحت پنهنجو ڪاروبار شرو?? ڪرڻ لاءِ رعايتي ريٽ تي قرض جي فراهمي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم يوٿ اسڪلر پروگرام تحت نوجوانن جي خصوصي تربيت ??يڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.