اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ مان اُٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي سامونڊي علائقي طرف وڌڻ جي رفتار ۾ 6 کان 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ گهٽتائي آئي جڏهن ته ا?? جي پکيڙ ۽ شدت جي نوعيت برقرار آهي. ڪيٽيگري ٽي جو طوفان خميس تي رات جو ڪنهن به وقت سنڌ جي ڏکڻ اوڀر جي سامونڊي علائقي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجندو. ڪراچيءَ کي طوفان کان سڌيءَ ريت خطرو ناهي، جڏهن ته تيز هوائن ۽ شديد برسات?? جي صورت ۾ ڪراچيءَ کان علاوه ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ ملير سميت ٻين علائقن ۾ طوفان جا اثر ظاهر ٿيندا. طوفا?? جي خطري ۾ ورتل علائقن ۾ 82 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ??يو آهي جن کي محفوظ هنڌن تي اسڪولن ۽ پختين عمارتن ۾ قائم 63 ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ??يو آهي، سمورا لاڳاپيل فوجي ۽ سول ادارا هاءِ الرٽ واري صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، عوام کي ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪندي احتياطي تدبيرن جو مشورو ڏنو ويو آهي. موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي صورتحال ۽ ان کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدم?? جي باري ۾ ڪالهه رٿيل اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته طوفا?? جي رفتار ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن سبب ان لينڊ فال ۽ ٽڪراءُ جو وقت تبديل ٿيو آهي، اهڙيءَ طر?? طوفا?? جي رُخ ۾ ڪجهه تبديلي آئي آهي جيتوڻيڪ طوفان خطرن ۾ ورتل بدستور ۽ برقرار آهي ان مطابق سمورا قدم ڪتب آندا ويندا. هن چيو ته بائپر جوائي جي نوعيت ڪيٽيگري 3 جو شديد انتهائي طوفان آهي جنه?? جي سطح تي هوائ?? جي رفتار 120 کان 140 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ا?? جي مرڪز ۾ 180 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پچي سگهي ٿي. هن چيو ته طوفان ٺٽي کان 235 ڪلوميٽر، ڪراچيءَ کان 230 ڪلوميٽر ۽ ڪيٽي بندر کان 155 ڪلوميٽر?? جي مفاصلي تي موجود آهي ۽ جنهن رستي جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ان مطابق اڳتي وڌي رهيو آهي. خميس جي رات ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري سامونڊي علائقي سان ٽڪرائجندو. هن چيو ته سامونڊي طوفان سبب ڪراچيءَ کان علاوه ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ملير جا علائقا متاثر ٿيڻ جو امڪان آهن جتي تيز هوائن سان گڏ شديد برسات جو امڪان آهي. طوفان سبب سامونڊي ڇوليون 30 فوٽن تائين پهچي سگهن ٿيون. هن چيو ته طوفا?? جي اثر هيٺ علائقن خاص ڪري ٺٽي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۾ تيز هوائن ۽ طوفان هلڻ کان علاوه 300 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد، دادو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بينظير آباد، سانگهڙ، لسٻيلا ۽ حب ۾ 100 ملي ميٽر برساتون متوقع آهن. وفاقي وزير چيو ته متاثر علائقن مان تقريبن 82 هزار ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪيو ??يو آهي ان مقصد لاءِ 169 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 63 ڪيمپون فعال جڏهن ته 106 اسٽينڊ باءِ آه?? جيڪي وڌيڪ نيڪال جي صورت ۾ متاثرن لاءِ رکيا ويا آهن. هن چيو ته حڪومت طوفان کي نظر ۾ رکندي امڪاني صورتحال لاءِ مڪمل تياري ڪري رکي آهي. انهن ڪوششن ۾ ملٽري ۽ سول ادارا ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وقت فيلڊ ۾ آرمي جا 1400 اهلڪار، رينجرز جون 16 ڪمپنيون، نيوي جا 303 اهلڪار، پوسٽ گارڊز جون 2 بٽالين مصروف عمل آهن جڏهن ته ضرورت وقت ايئرفورس جون خدمتون پڻ وٺي سگهجن ٿيون. هن چيو ته متاثر کي شيلٽر، خوراڪ، صاف پاڻي ۽ طبي سهولت?? جي فراهميءَ جو انتظام ڪيو ??يو آهي، 87 ميڊيڪل يونٽس فيلڊ ۾ موجود آهن، اهڙيءَ طر?? متاثر علائقن ۾ بجلي بحال رکڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. طوفان سبب 90 جي ويجهو فيڊر متاثر ٿي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب ۽ سکر مان ٽيڪينڪل ٽيمون طلب ڪيون ويون آهن. متاثر علائقن ۾ مواصلاتي رابطن کي بحال رکڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ملي قدم کنيا پيا وڃن. فلائيٽ آپريشنز جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته اُڏامن لاءِ هوا جي دٻاءُ ۽ رفتار جي حد جو تعين ڪيو ??يو آهي، ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، سکر ۽ موهن جو د??و جي هوائي اڏن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ننڍن جهاز?? جي اُڏامن کي معطل ڪيو ??يو آهي، جڏهن ته ڪمرشل فلائيٽس جي باري ۾ به ايڊوائيزري جاري ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته طوفا?? جي صورتحال کي لاڳيتو مانيٽر ڪري رهيا آهيون. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن وچ ۾ باقائدگيءَ سان رابطه اجلاس منعقد ڪيو ??يو ??ڃي جنهن ۾ مقامي، علائقائي ۽ بين الاقوامي تناظر ۾ صورتحال تي غور ڪيو ??يو ??ڃي. هن چيو ته طوفان کي نظر ۾ رکندي متاثر علائقن ۾ ضروري سامان، اوزار?? جي دستيابيءَ کي يقيني بڻايو ??يو ??ڃي. هن متاثر علائقن مان نيڪالي ۽ محفوظ هنڌن تي انه?? جي منتقليءَ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.