لاهور – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي صو??تحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل ا??تيار ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي صبح سوير ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملن تي ڳا??هه ٻو??هه ڪئي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان پيرس ۾ ٿيندڙ ملاقاتن جي ڏس ۾ ناڻي واري وزير ۽ ان جي ٽيم جي آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي نقطن تي هم آهنگي ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف جي فيصلي جي شڪل ا??تيار ڪندي. وزيراعظم معاشي صو??تحال جي بهتري جا هدف گڏيل ڪوششن سان حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزيراعظم سان ڳا??هه ٻو??هه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي صو??تحال جي بهتري چاهيون ٿا. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قائداڻي عزم کي ساراهيو.