اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ??ين هزارين ڪشميري س??اس?? اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارت ا??هن جي ڊگهي ق??د کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ ا??هن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ا??هن س??اس?? قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ا??هن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان ا??هن کي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته شبير احمد شاهه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. ترجمان چيو ته شبير احمد شاهه پنهنجي س??اس?? خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي. هن چيو ته شبير احمد شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل بجاطور ”ضمي?? جو قيدي“ قرار ڏنو آهي.