اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪو به مذهب، معاشرو اظهار جي آزاد?? جي نالي تي مقدس هستين، علامتن ۽ آسماني ڪتابن جي بي ??رمت?? جي اجازت ??ه ٿو ڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چ??و ته قرآن پاڪ، تورات ۽ انجيل جي بي ??رمت?? جي اجازت ڏيڻ ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي، جنهن جو واحد مقصد عالمي امن کي خطرن ۾ وجهڻ آهي. وزيراعظم چ??و ته هو او آءِ سي ۽ م??ذب دنيا کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اڳتي اچن ۽ مقدس ڪتابن جي بي ??رمتي جهڙي مڪروهه عمل کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چ??و ته اهڙن روين کي روڪڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مذهبي نفرت کي هوا ڏين ٿا، تشدد کي فروغ ڏين ٿا ۽ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسند?? جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. وزيراعظم چ??و ته اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شيطاني ڪردارن کي امن، رواداري ۽ اجتماعيت جي اسان جي گڏيل قدرن کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏيڻ گهرجي.