اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪست??ن ۽ ايران جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ ??عا??ن ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ گهري مذهبي، ثقافتي ۽ ٻولي جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، شاعر مشرق علامه اقبال ۽ هفت زبان شاعر سچل سرمست جي ڪلام جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??عا??ن ضروري آهي، نگران حڪ??مت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير رضا اميري مغدم سان ڳالهائيندي ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ ??عا??ن جي فروغ تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي ??عا??ن کي مستحڪم ۽ وسيع ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. ايران جي سفير مرتضيٰ سولنگي کي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪست??ن ۽ ايران گهري مذهبي، ثقافتي ۽ لساني رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ٻنهي ملڪن جون حڪ??متون پنهنجي عوام جي بهتري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ ويجهي ??عا??ن کي فروغ ڏئي رهيون آهن. ملاقات ۾ ايران سان ميڊيا ۽ ثقافتي و??دن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ٿيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ ??عا??ن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪست??ن ۽ ايران سان فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ ??عا??ن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي ايران جي سفير چيو ته شاعر مشرق علامه اقبال کي ايران ۾ قومي شاعر جو مقام حاصل آهي. ايراني رهواسي ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال کي تمام گهڻي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فارسي زبان سان اسان جو تعلق تمام گهڻو پراڻو آهي، ايران سان گڏجي علامه اقبال تي فلم تيار ڪئي و??ندي. هن چيو ته علامه اقبال ۽ سچل سرمست جي فارسي زبان جي ڪلام ۾ وڏي هڪ جهڙائي آهي، سچل کي ستن زبانن ۾ فڪر سخن جي ڪري ” هفت زبان شاعر “ جو لقب حاصل آهي، علامه اقبال ۽ سچل سرمست جي ادبي ڪلام جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??عا??ن ضروري آهي، پاڪستان اڪيڊمي ادبيات ۽ خانه فرهنگ ايران ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميديا جي شعبي ۾ ??عا??ن تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ ??عا??ن لازمي آهي، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪست??ن ۽ اسلامڪ ري پبلڪ نيوز ايجنسي (ارنا) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اڳ ۾ ئي صحيحون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ٽيليويزن، فلمز، سئنيما، ادبي ۽ ٻولي جي ادارن جي وچ ۾ ??عا??ن کي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جا ڪيترائي معاهدا بحث هيٺ آهن. اهي معاهد اسان جي ثقافت ۽ روايتن کي حقيقي روشني ۾ پيش ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ايراني سفير کي پاڪستان ۾ چونڊن جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪندي چيو ته نگران حڪ??مت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني ڪرڻ آهي، پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ اسان جي ترجيح آ??ي. ان موقعي تي ايراني سفير پاڪستان جي قانونن ۽ آئين موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي ??عا??ن ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي پڻ ساراهيو.