اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وا??ي نگران وفاقي وزير محمد سميع سعيد چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان جاري آهي، جڏهن ته نگران حڪومت سي پيڪ تحت جاري ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ين??ر آف ايڪسيلينس، سي پيڪ جي انتظام هيٺ ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو: گڏيل خوشحالي جي راهه هموار ڪرڻ“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ان موقعي تي خاص مهمان هو. ڪانفرنس ۾ وا??يس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر، سي پيڪ ۽ ملڪ جي مشهور پاليسي سازن ۽ ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. وا??ح رهي ته ٽيون بيلٽ اينڊ روڊ فورم 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندو. سيمينار کي خطاب ڪندي رٿابندي وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان جاري آهي جڏهن ته سمورن منصوبن جي سخت نگراني رٿابندي وا??ي وزارت طرفان ڪئي پئي وڃي ته جيئن منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. نگران وفاقي وزير چيو ته 2013ع ?? پنهنجي آغاز کان ئي سيڪيورٽي خدشن، سياسي عدم استحڪام ۽ ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا جهڙا چئلينج درپيش هجڻ جي باجود چين ۽ پاڪستان ٻنهي سي پيڪ لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، هن چيوته قائداعظم يونيورسٽي ۾ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن تي تحقيق لاءِ جديد ارٿ ??ين??ر قائم ڪيو ويو آهي، هي ??ين??ر چين جي تعاون سان معدنيات جي شعبي کي جديد بڻائڻ ۽ ان ۾ قيمتي وسيلن جي ڳولا لاءِ ڪم ڪندو. هن چيو ته هن وقت تائين سي پيڪ تحت 31 مختلف منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، انهن منصوبن تي 32 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي جڏهن ته ملڪ ۾ 4 خصوصي صنعتي زونز ٺاهيا ويا، نگران وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ان سيمينار کي منعقد ڪرڻ تي ??ين??ر آف ايڪسيلينٽ سي پيڪ ۽ رٿابندي وا??ي وزارت جي ڪو??شن کي ساراهيو جيڪو خاص طور تي اهڙي وقت ۾ وڏي اهميت وا??و آهي جڏهن ته ايندڙ هفتي بي آر آءِ فورم شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. سي پيڪ جي 10 سالن جي ڪاميابي وا??ي سفر تي روشني وجهندي چيني سفير چين ۽ پاڪستان ٻنهي جي اڳواڻن جي رهنمائي جي ذريعي حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين جي واکڻ ڪئي. هن 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي تاريخي دوري جو ذڪر ڪيو جنهن سي پيڪ جي وڏي پئماني تي تعمير کي تيز ڪيو ۽ اهو سفر اڄ تائين ڪاميابي سان پنهنجي منزل طرف جاري آهي، چيني سفير چيو ته بي آر آءِ ملڪن وچ ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جو منصوبو آهي جڏهن ته پاڪستان سان زراعت، آءِ ٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ معدنيات ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. چين جي سفير چيو ته پاڪستان انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي جڏهن ته پاڪستان کان مصنوعات جي امپورٽ ۾ اضافو انتهائي اهميت وا??و آهي جڏهن ته روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ بهتر پاليسي جي جوڙجڪ ۽ عملي قدم اڻٽر آهن، چيني سفير پاڪستان طرفان چيني ورڪرن کي سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان کنيل قدمن کي به ساراهيو، چين جي سفير رٿابندي وا??ي وزارت طرفان جوڙيل پاليسين کي ساراهيندي رٿابندي وا??ي وزارت کي خراج تحسين پيش ڪيو.