بيجنگ – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي دوري جي لاءِ بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير وانگ زو گانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي. چين جي فنڪارن روايتي رقص سان نگران و??ير??عظم جو استقبال ڪيو. نگران و??ير??عظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو. پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا. نگران و??ير??عظم پنهنجي چين جي دوري دوران 17 ۽ 18 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ ٽئين عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي نگران و??ير??عظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت گذريل 10 سالن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪامي??بي?? سان گڏوگڏ مستقبل جي هدفن ۽ ان جي اهم منصوبي تي پاڪستان جي ڀرپور تعاون جو ورجاءُ ڪندو. نگران و??ير??عظم بي آر ايف جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ 18 آڪٽوبر تي عالمي معيشت ۾ مواصلاتي رابطن جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران و??ير??عظم جي چين ۾ چيني ص??ر شي جن پنگ، و??ير??عظم لي چيانگ ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر لي شي سان ملاقات سان گڏوگڏ اعليٰ چيني قيادت ۽ فورم ۾ شريڪ ٻين ملڪن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ٿيندي. نگران و??ير??عظم پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ چين ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ نگران و??ير??عظم ارومچي جو دورو ڪندو جتي نگران و??ير??عظم اتان جي مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.