اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو ??ال??ي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته هن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسرائيلي قبضي جي حامين کي پنهنجي پاليسين تي نظرثا??ي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غزه جي ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جي مهم هلائڻ ۾ اسرائيلي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ويا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، ??ال??ي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي قتلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ??ال??ي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها تشدد کي روڪڻ جي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن ج?? احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان تي زور ڏنو هو ته ??ال??ي برادري اسرائيل کي چ??ي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.