ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي ن??ران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ن??ران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وا??و نگران صوبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي مردان خان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وزير طرفان صوبي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان بلوچستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لا??ِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لا??ِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لا??ِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏي وزير چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي مردان ڊومڪي ن??ران وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعلي?? کي هٿي وٺرائڻ لا??ِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻڌايو ته وفاقي ادارن جي انتظامي معام??ن ۾ بلوچستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني بڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لا??ِ بلوچستان لا??ِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لا??ِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان سميت چئني صوبن جي ن??ران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظا?? کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي ن??ران وڏي وزير، نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.