برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگيرن جي اسمگلنگ روڪڻ ج?? حوالي سان جاري عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سف??رتخاني پاران جاري بيان موجب ملاق??ت ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي و?? ۾ جاري ??رق??اتي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يورپ تحت ٻطرفي تعاون کي و??يڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ ملاق??ت ۾ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.