اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) بيلجيئم، يورپي يونين ۽ لڪسمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ بيلجيئم، يورپي يونين ۽ لڪسمبرگ ۾ جاري تد??يسي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي ٽوئيٽ مطابق ملاقات دوران اسڪالرز کي سهولت فراهم ڪرڻ ?? عمل?? حلقن سان سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.