اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آهن، مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا مو??عا پيدا ٿيندا، لاڳاپيل عملدار اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙين. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان چيئرمين راجا ناظم الامين جي قيادت ۾ رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي 17 رڪني وفد ملاقات ڪئي. نگران ??زي??اعظم چيو ته گلگت بلتستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ اتان جا ماڻهو مهمان نواز آ??ن. ??ن چيو ته مواصلاتي نظام ۽ ٻئي ضروري انفراسٽرڪچر جي تعمير سان گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي ٿو ۽ علائقي ۾ معاشي ترقي جا مو??عا پيدا ٿيندا، اسڪردو ايئرپورٽ کي عالمي حيثيت ??لڻ کانپوءِ علائقي ۾ سياحت ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، پاڪستان سان سياحت جي شعبي ۾ حصيداري جي لاءِ ڪيترائي ملڪ دلچسپي ظاهر ڪري چڪا آ??ن. ??گران ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اعليٰ تعليم ۽ فني تعليم جي شعبن ۾ سمورن صوبن ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن جي ڪوٽا وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران ??زي??اعظم چيو ته گلگت بلتستان جي مجموعي ترقي علائقي ۾ سماجي هم آهنگي تي منحصر آهي. نگران ??زي??اعظم رائل فائونڊيشن آف گلگت بلتستان جي علائقي جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. وفد نگران ??زي??اعظم کي گلگت بلتستان جي مختلف شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. نگران ??زي??اعظم کي ??ري??نگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال گلگت بلتستان ۾ 16 لک کان وڌيڪ سياح اچي چڪا آهن.