اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو آه?? ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جو ??ائرو وڌائڻ سان پاڪستا??ي حاجين کي سهولت ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران سندس وزيراعظم جي عهدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ??ڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جو ??فير اهو پهريون غيرملڪي سفير آهي جيڪو وزيراعظم جو ??هدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سعودي سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي رهندو. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ جو ??ائرو وڌائڻ تي سعودي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ا?? سان پاڪستا??ي حاجين کي سهولت ملندي. وزيراعظم کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيندي سعودي سفير وزيراعظم کي سعودي قيادت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سعودي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سدائين قاب?? اعتماد حصيدار رهندو.