اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستا?? 6 مارچ تي نائين پاڪستان – يورپي يونين پوليٽيڪل ڊائيلاگ جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بل??چ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ته يورپي يونين پاران ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس اينريڪ مورا قيادت ڪندو. ترجمان چيو ته ڌريون پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد، دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ يورپي يونين جو آخري سيا??ي ڊائيلاگ 22 نومبر 2022ع تي برسلز ۾ ٿيو هو.