اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ ف??ج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپ??يشن تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپ??يشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش ??فڪ??ر، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي ن??در صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ ف??ج جي جوانن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ ف??ج جي آفيسرن ۽ جوانن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ن??سور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ ف??ج سان گڏ بيٺل ??هي.