اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر ف??صل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ج?? معاملن ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خيبرپختونخواهه جي گورنر حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ ٻاهرئين سيڙپڪاري تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ خ??برپختونخواهه جي مسئلن ۽ انهن جي پائيدار حل جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ اقتصاد?? معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ وزيراعظم جو سياس?? معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ شريڪ هو.