اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مرڪزي بين?? مهانگائي جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وياج جي شرح 1.5 سي??ڙو گهٽ ڪري 22 سي??ڙو کان 20.50 س????ڙو تي کڻي آئي. اقتصادي سروي مطابق حڪومت طرفان مر??وط ڪوششن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ مسلسل لاٿ نظر آئي ۽ مئي دوران مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي 11.8 سي??ڙو تي اچي وئي جيڪا گذريل 30 مهينن دوران مهانگائي جي سڀ کان گهٽ شرح آهي. ياد رهي ته مئي 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح بلند ترين 38 سي??ڙو تائين پهچي وئي هئي. حڪومت طرفان سخت مالياتي پاليسي مرڪزي بينڪ طرفان وياج جي شرح ۾ مسلسل اضافي ۽ رسد ۾ بهتري سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي. حڪوم?? مهانگائي جي شرح کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ لاءِ انتظامي، رليف ۽ پاليسي ليول تي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح تي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي سبب عالمي ترقي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي. 2023ع ۾ عالمي اقتصادي ترقي گهٽ ٿي 3.2 سي??ڙو رهي. عالمي سطح تي مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي متوقع آهي. 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 6.8 سي??ڙو رهي جيڪا 2024ع ۾ گهٽ ٿي 5.9 سي??ڙو تي اچڻ جي اميد آهي. عالمي سطح تي جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب اقتصادي ترقي کي ڌچڪو لڳو، خاص طور تي يورپ ۽ مڊل ايسٽ ۾ جنهن سبب توانائي جي قيمتن ۽ روزمره استعمال جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.