اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني دوحه ۾ گڏيل قو??ن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف پي?? ڪيو. هن افغانستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانستان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ?? افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان دراني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ افغانستان ?? دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پاڪستان جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي آمريڪا، چين،قطر، روس، ??زب??ستان، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪستاني وفد پاڪستان، افغانستان، ??زب??ستان ?? قطر جي وچ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانستان جي رستي پاڪستان کي ??زب??ستان سان ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو جائزو ورتو ويو.