اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي، ت?? ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. مودي سرڪار والاريل ڪش??ير کي دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڪش??ير جي اعليٰ حريت قيادت قيد ۾ آهي، ۽ ڪشميري نوجوان ڀارتي قابض فوج جي عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن. گذريل ڏينهن بئريسٽر عقيل ملڪ يوم استحصال جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري برادري يوم استحصال ڀرپور انداز سان ملهائي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جي ڏينهن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري جي پراسرار خاموشي تي سندن ض??ير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڳوڻي حڪومت جتي سي پيڪ جهڙن منصوبن کي روڪيو، اتي ڪش??ير جي مسئلي تي به خاموشي اختيار ڪئي، والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي صورتحال گذريل پنجن سالن م سنگين طور تي خراب ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستا?? هر عالمي فورم تي ڪش??ير مسئلي ۽ ڀارتي ڏاڍ کي بي نقاب ڪندو رهندو.