اسلام آباد -27 ??ول??ءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه سعودي عرب جي سفير نواف ??لم??لڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مثبت ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي ا??واڻن وچ ۾ ملاقات ۾ تعليم، واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس م شريڪ سيڪريٽري تعليم اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي مسلم ملڪن جي ايندڙ ڪانفرنس بابت بريفنگ ڏني. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو.