سرينگر-28 جولاءِ (اي پي پي) ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير طور ملهائيندا جنهن جو مقصد نريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت طرفان 2019ع ۾ ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪ??مير جي حوالي سان ڪيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ان ڏينهن والاريل ڄمون ڪ??مير ۾ مڪمل هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪ??مير جي خاص حيثيت ختم ڪري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو هو. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو مقصد دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبض?? کي تسليم نٿا ڪن. ڪل جماعي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ ??بد??لرشيد منهاس سرينگر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته نئين دهلي ۾ بي جي پي / آر ايس ايس جي ڳٺجوڙ ڪشميرين جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حقن کي غصب ڪيو آهي. ڄمون ڪ??مير نيشنل فرنٽ پارٽي جي نظربند چيئرمين نعيم احمد خان جي صبر واستقا??ت کي ساراهيو آهي جنهن ڀارت جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرقانوني نظرب??دي جا 7 سال مڪمل ڪيا آهن. پارٽي هن جي نظرب??دي کي بنيادي انساني حقن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي.