اسلام آباد-01 ??گس?? (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني تهران ۾ فلسطيني اڳواڻ جي قتل جي مذمت ڪندي ان تي پوري فلسطيني قوم۽ مق??ول اڳواڻ جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيا?? مطابق هن چيو ته پاڪستان جو عوام دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي ۽ ان جي ناڪاري اثرن کان چڱي ريت واقف آهي. سنيٽ چيئرمين چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ان واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺي ته جيئن مستقبل ۾ ان قسم جون ڪارروايون نه ٿين ۽ اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تنظيمي ۽ رياستي سطح تي هڪ روڊ ميپ تيار ڪري سگهون.