اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آ??اد?? جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم ??ڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين ??ند??ز ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌ?? ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.