اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي، پاڪستان سي پيڪ کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر ان مان خوش نه آهن پر اهي پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين گڏيل مفادن لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن، ??وشحالي ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ض??ورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ض??ورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ چين حقيقي دوست آهن ۽ هر قسم جي حالتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته پاڪستان چين جي قومي مفاد ۾ بنيادي معاملن ”ون چائنا پاليسي“ تائيوان، ??بت، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت ڪري ٿو. صدر پاڪستان جي بنيادي قومي مفاد جي معاملن، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اين ايس جي ۽ ايف اي ٽي ايف تي چين جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ??اڪ –چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪجهه دشمن عنصر سي پيڪ منصوبي مان خوش نه آهن، ??بوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهن، ??اڪ – چين اقتصادي لنگهه جا مخالف عنصر ڪامياب نه ٿيندا. صدر داسو ۾ فوت ٿيندڙ چيني شهرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي حفاظت پاڪستان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کڻي ره?? آهي. چيني سفير نونگ رونگ چيو ته پاڪستان چين جو ويجهو دوست آهي، چين ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته چين جا تجربا پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان موقعي تي چيني سفير صدر کي ٻڌايو ته چين پاڪستان کي هن هفتي ويڪسين جون 60 لک خوراڪ فراهم ڪندو، سال جي آخر تائين 10 ڪروڙ ويڪسين جون خوراڪ پاڪستان کي فراهم ڪيون وينديون.