اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد 14 آگسٽ 2021ع تي پن??نجي حصي جو ٻوٽو پوکڻ کانپوءِ قوم کي آزادي جي مبارڪباد ڏني. پن??نجي هڪ خصوصي وڊيو پيغام ۾ هن ماحوليات جي حوالي سان پاڪستان جي ڪاميابين جي فهرست پيش ڪئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم جي اپيل تي اسان سڀني اڄ پن??نجي حصي جو ٻوٽو لڳائڻو آهي، هن چيو ته ماحوليات جي تحفظ لاءِ پاڪستان ڪيتر??ون ئي ڪامياب??ون حاصل ڪ??ون آهن، سينيٽر فيصل جاويد وڌيڪ چيو ته ??سان خبرپختونخوا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عم??ان خان هن ڀيري 10 ارب وڻن جي وڻڪاري جو هدف مقرر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ماحوليات جي حوالي سان يو اين جا هدف مقرر مدي کان 10 سال اڳ ئي حاصل ڪري ورتا آهن، هن پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته ??سان سڀني کي اڄ پن??نجي حصي جو ٻوٽو پوکڻو آهي ۽ پن??نجي تصوير حڪومت پاڪستان کي موڪلڻي آهي.