اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي ??ي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽ?? شهباز گل مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ ح??وم?? وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري سگهي. ڊاڪٽ?? شهباز پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه آهي عوام نه. ڊاڪٽ?? شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ڪري اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ??يس?? نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري رهيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ??يس?? نه آهي.