اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي علائقن ۾ بدامني جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿيون آهن، اسان اتي معمول جون معاشي سرگرميون بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ امن سا?? وچ ايشيا تائين نوان رستا کلندا جنهن سا?? خطي ۾ ترقي جو نئون دور ايندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي ترقي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا سا?? تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ معاشي سرگرمين جي بحالي ۽ اتي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ اسپيڪر ميڊيا جي نمائندن سا?? ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي ترقي جو معاملو ڪنهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جو معاملو نه آهي اسان سڀني کي گڏجي ان جو حل ڪڍڻو آهي،
هن چيو ته ماضي ۾ فاٽا ۾ بدامني جي ڪري اتان جي معيشت بري طرح متاثر ٿي، اسان کي ان معيشت کي بحال ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ اسان کي افغانستان جي صورتحال کي به ڏسڻو آهي، ان لاءِ انهن مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ضر??ري آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت، مخالف ڌر ۽ پارٽي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضر??رت آهي، اسپيڪر چيو ته اسان کي ان علائقي کي گڏجي ترقي ڏيڻي آهي ۽ گڏيل طور تي اڳ??ي وڌڻو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ نئين حڪومت قائم ٿي آهي اسان خطي ۾ استحڪام چاهيون ٿا.
افغانستان ۾ امن کانپوءِ وچ ايشيا تائين رستا کلندا جنهن سا?? خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور ايندو. اسپيڪر چيو ته فاٽا جي حوالي سا?? اسان 45 ڏينهن ۾ پنهنجون سفارشون مڪمل ڪنداسين، اهو ئي سبب آهي ته اسان 3 گروپ جوڙيا آهن ۽ جلد ئي ان حوالي سا?? وڏي ڪنوينشن جو انعقاد به ڪنداسين، هاڻي جيڪڏهن اسان اهو مسئلو نه ڪيو ته مستقبل ۾ ان جا سٺا اثر نه ??وندا.