ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي پٺتي پيل علائق?? جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ فلاحي ادارا حقيقي طور تي رياست جي ذميواري ۾ شريڪ آهن ۽ معاشري جي سمورن لاڳاپيل طبقن تي لازمي آهي ته اهي انه?? جي فلاحي ڪم ۾ مڪمل تعاون ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غيرمنافعو ڏيندر گرين ڪريسنٽ ??رسٽ (جي سي ٽي) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن گورنر هائوس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي سي ٽي زاهد سعيد ڪري رهيو هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته اسڪولن ۾ ٻار?? جي تعليم جي برقراري جي سطح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي تبديلي جي ضرورت آهي. هن گرين ڪريسنٽ ??رسٽ پاران ڪيل تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين کي سارهايو ته جيئن وسيل?? جي وڌ کان وڌ استعمال بابت شعور يپدا ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سمورن وفاقي يونٽس پاران ??عليم تي خرچ ڪيا ويندڙ وسيلن کي اجاگر ڪيو وڃي. تعليمي نظام ۾ ڍانچاجاتي سڌار?? جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته معياري تعليم ڏي?? جي لاءِ استاد?? جي تربيت ضروري آهي. هن چيو ته تعليم جي شعبي جي لاءِ رکيل عوامي فنڊز انتهائي مناسب طريقي سان ۽ انتهائي مالي احتياط سان ??رچ ڪيا وڃن. هن چيو ته هو تعليم جي شعبي جي لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏي ٿو ته اهي اسڪولن ۾ داخل ٻار?? جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پاڪسدتان ??ي تعليمي بجيٽ جي بهترين استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ مضبوط حڪمت عملي سان ??چن. گرين ڪريسنٽ ??رسٽ جي سي اي او صدر کي تعليم جي شعبي ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزن کان ??گاهه ڪيو. هن چيو ته جي سي ٽي گذريل 27 سالن کان ??نڌ جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ 150 کان وڌيڪ خيراتي اسڪول?? جي نيٽ ورڪ جو انتظام ڪيو آهي جنهن ۾ 29000 بي سهارا خاندانن جا ٻار شامل آهن. هن چيو ته جي سي ٽي جو ويزن 2025ع سنڌ ۾ ضرورتمند خاندان?? جي هڪ لک ٻار?? جي لاءِ اهڙا 250 اسڪول قائم ڪرڻ آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هم خيال فلاهي ادارن سان ??تحاد ڪيو پيو وڃي. صدر عارف علوي جي سي ٽي جي ويزن کي ساراهيو ۽ وفد کي خاطري ڪرائي ته موجوده حڪومت اهڙي قسم جي فلاحي ڪم?? جي لاءِ معاونت فراهم ڪندي. هن تعليم سان لاڳاپيل مستقبل تي ٻڌل نقطه نظر کي اختيار ڪرڻ ۽ معذور ماڻهن کي مرڪزي ڌارا جي تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.