فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف خاندان وٽ لنڊن جي جائيدادن جا ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، اسان ??و نواز شريف سان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، هو پاڪستان واپس اچي ۽ پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏئي، مخالف ڌر هڪ هفتو فوج، ٻي هفتي عدليه جي خلاف هوندي آهي، اها ئي انهن جي سياسيت آهي، فرقيواريت تي ٻڌل سياست پاڪستان ??ي مستقبل لاءِ درست نه آهي، ان ??ي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان ??ي قيادت مخالف ڌر لاءِ وڏي بدنصيبي آهي، اليڪشن هارائي ته مولانا فضل الرحمان چوندو ته ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو کٽي وڃ?? ته اليڪشن شفاف ٿيا آهن، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، سندن ناڪامي سان نقصا پاڪستان ??و ٿيندو، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ملڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ايئن هرگز نه ٿيندو، اسان ??حتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان ??و ووٽر احتساب تي عمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو، اسان ??حتساب کان پوئتي نٿا هٽي سگهون، 2022ع ۾ مقامي حڪومتن جي اليڪشن جو سال آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ام ماڻهو جي زندگي کي آسان ??ڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عالمي منڊي ۾ ڪموڊيٽي ۽ انرجي پرائسز گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ان ??و سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچندو. هن چيو ته پاڪستان ??ستحڪام طرف وڌي رهيو آهي، ملڪ ۾ مڪمل سياسي ۽ معاشي استحڪام آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، انشاءُ الله جنوري جي وچ ڌاري فنانس (ترميمي) بل به منظور ٿي ويندو. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته تيل، گيهه ۽ دالين جي هتي پيداوار ناهي ٿيندي، انهن جون قيمتون اسان ??ئي نٿا ڪريون، اسان ??رف انهن شين جي قيمتن جو تعين ڪري سگهون ٿا جيڪي پاڪستان ??ي اندر پيدا ٿينديون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ??ي اندر پيدا ٿيندڙ شين جون قيمتون هن وقت هن پوري خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، ٻاهرين دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به اضافو ٿيندو، قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان ??سان ??ي حڪومت جي پهرين سال ئي مارچ جي لاءِ اچي ويو هو، 23 مارچ اڃان پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو ۽ جيڪڏهن اچي به وڃ?? ته اسان کي ان ??ان ڪو به مسئلو نه آهي، هن چيو ته اسان کي نئين سال ۾ تلخين کي گهٽ ڪرڻ گهرجن، وڏيون سياسي پارٽيون وڏن معاملن تي هڪ ٻي سان گڏجي ويهن ۽ سڌارن تي ڳالهيون ڪن، هن چيو ته سمورين وڏين سياسي پارٽين کي هڪ ڳالهه جو پتو هجڻ گهرجي ته انهن جي ناڪامي سان پاڪستان ??و نقصان ٿيندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي اندر ويڙهه ۽ جهيڙي جو عام ماڻهو جي نظر ۾ منفي تاثر قائم ٿيندو آهي جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو بليڪ ميل ڪري پنهنجي ڪيسن ۾ رليف حاصل ڪري وٺندو ته ائين هرگز نه ٿيندو. عمران ??ان پهرين به واضح ڪري چڪو آهي ته اسان ??حتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي، اسان ??و ووٽر احتساب جو عمل مڪمل ٿيندو ڏسڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسان ??ي تنقيد به ڪئي ويندي آهي ته اسان ??رداري ۽ نواز شريف کان ڦُريل رقم وطن واپس نٿا آڻي سگهون، وڏو پئسو واپس به آيو پر مرڪزي جوابدار ملڪ کان ٻاهر آهن، عام ماڻهو ان پراسيس مان مطئمن نه آهي، هن چيو ته اهو چوڻ ته اسان ??حتساب جي عمل تان پوئٽي هٽي وڃ??ن تڏهن ئي مخالف ڌر ڪا ڳالهه ڪندي ته اهو رويو غير مناسب آهي. هن چيو ته اسان کي چونڊ، معاشي ۽ جڊيشل ريفارمز جي ضرورت آهي، وڏين سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو گڏجي ويهي وڏن مسئلن تي ڳالهيون ڪن. هن چيو ته اليڪٽورل ريفارمز تي ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ اهڙا سڌارا آهن جنهن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر متفق آهن. نيب چيئرمين جي مقرري ۽ احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ اپوزيشن جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته اسان کي چونڊ سڌارن، احتساب ۽ عدليه جي سڌارن تي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن معاملن کي اهي پنهنجي ڪيسن سان ??وڙيندا ته اهو قبول نه هوندو. چوڌري فواد حسين چيو ته سياستدانن کي عوام کي اميد ڏيڻ گهرجي ته پارليامينٽ عوام جي مسئلن جي حل جو ادارو آهي، جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ طوفان ??دتميزي برپا رهندي ته ماڻهن جون اميدون پارليامينٽ سان لاڳاپيل نه رهنديون. اسان کي سنجيدگي سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عمران ??ان ۽ پي ٽي آءِ کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون مخالف ڌر پهرين سال ئي شروع ڪري ڇڏيون هيون پر اها ڪجهه نه ڪري سگهي. آگسٽ کانپوءِ حڪومت جو آخري سال شروع ٿي ويندو، ان کان پهرين مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿينديون، مخالف ڌر اليڪشن وڙهڻ جو شوق مقامي حڪومتن جي چونڊن ۾ حصو وٺي پورو ڪري وٺي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف چونڊون ٿيون، هارائڻ ۽ کٽڻ وارن ٻنهي چونڊن جي شفافيت کي تسليم ڪيو، هن چيو ته عمران ??ان ??ير جانبداري تي يقين رکي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن ڪڏهن به شفافيت تي ٺاهه نه ڪيو. اسان ??اف شفاف چونڊن جي لاءِ نظام جوڙڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 2022ع بلدياتي اليڪشن جو سال آهي، انشاءُ الله پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون به صاف ۽ شفاف ٿينديون. عوام جي چونڊ تي ڀرپور اعتماد هوندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي 800 کان وڌيڪ سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاري نٿي سگهي. ن ليگ سينٽر پنجاب ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جون پارٽيون آهن، ڪي پي اليڪشن ۾ اهو تجزيو گهڻو ٿيو ته پي ٽي آءِ پشاور جو اليڪشن هاري وئي پر اهو تجزيو نه ٿيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ ته پنهنجا اميدوار ئي بيهاري نه سگهيون. هن چيو ته فرقيواريت تي ٻڌل سياست پاڪستان ??ي مستقبل جي لاءِ درست نه آهي، ان ??ي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، وڏين سياسي پارٽين کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، پيپلزپارٽي سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان محروم رکيو آهي، جيڪو سنڌ جي عوام سان ??مام وڏي زيادتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته ان ??ان ??ندس سياست متاثر ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ پاڪستان ??ي سياست، پرڏيهي پاليسي، معيشت تي اسان ??ڀ متحد آهيون ۽ ان موجب اڳتي هلنداسين. هڪ سوال تي هن چيوته مولانا فضل الرحمان ??ليڪشن هارائي وڃ?? ته چوندو ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، جيڪڏهن هو اليڪشن کٽي وڃ?? ته اليڪشن شفاف ٿيون آهن، مولانا فضل الرحمان ??ي مخالف ڌر جي قيادت ڪرڻ ڪيترين ئي مخالف ڌر جي وڏي بدنصيبي آهي.هڪ سوال تي هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپس اچڻ گهرجي، هتي ان ??ي ڪيس آهن، هو پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. اسان ??و ان ??ان ڪو به ذاتي جهيڙو نه آهي، شريف فيملي جي لنڊن ۾ اربين روپين جون جائيدادون آهن، ان وٽ ثبوت نه آهن ته اهي جائيدادون ڪيئن خريد ڪيون، جن اپارٽمينٽس ۾ نواز شريف رهي پيو ان ??و پئسو ڪٿان کان ??يو، انهن وٽ ڪو به جواب نه آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته مولانا فصل الرحمان پهرين به مارچ لاءِ آيو هو ۽ واپس هليو ويو، 23 مارچ گهڻو پري آهي، اميد آهي ته هو ان ڏينهن به نه ايندو، جيڪڏهن اچي به وڃ?? ته اسان کي ڪو به مسئلو نه آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته شهباز شريف بيان ??لفي جمع ڪرايو هو ته هو نواز شريف کي واپس گهرائيندو، اٽارني جنرل آفيس ان معاملي کي ڏسندي، وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر هڪ هفتو فوج جي مخالف هوندي آهي، ٻي هفتي عدليه جي خلاف، اها ئي انهن جي سياست آهي.