اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي حوالي سان ??اڪستان ??ائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي قياد?? جي موقف جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ نوجوانن جي ڀلائي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويا آهن، مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي جو آهي. صدر پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جو روانگي واپار وڌي اٽڪل 2 ارب ڊالر ٿي ويو آ??ي، جيڪو هن سال جي آخر تائين ساڍا 3 ارب ڊالر تائين پهچي ويندو، ٽن چئن سالن ۾ مل?? جي ٻين مصنوعا?? جي ڀيٽ ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آ??ي، 27 – 2026ع تائين آءِ ٽي روانگي واپار 8 کان 10 ارب ڊالر تائين پهچڻ جي اميد آ??ي، مستقبل جي نئين انڊسٽري آءِ ٽي آهي ۽ دنيا کي ان جي ضرورت آهي جنهن جو پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان چيو ته ان سان ??ارليامينٽ جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي. افغانستان جي حوالي سان ??ن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ا??ن جي لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آ??ي، افغانستان کي اڪيلو ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ۽ دنيا ۾ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته افغانستان ۾ ا??ن جو سڀ کان ??ڌيڪ فائدو پاڻ افغانستان ۽ ان کانپوءِ پاڪستان کي ٿيندو. ملڪي يونيورسٽين م منشيا?? جي استعمال جي روڪٿام جي حوالي سان ??دمن جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته هن ان سلسلي ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز سان ??لاقاتون ڪيون، اهڙي طرح هايئر ايجوڪيشن ڪميشن مان ??ڪ پاليسي پڻ منظور ڪرائي وئي جنهن تحت يونيورسٽين ۾ خصوصي ڪميٽيون جوڙيون ويون جن کي نوجوانن کي منشيا?? جي لعنت کان ??حفوظ رکڻ ۽ ان حوالي سان آگاهي سان گڏوگڏ يونيورسٽين م منشيا?? جي خاتمي جي ٻين قدمن جي ذميواري پڻ ڏني وئي. صدر سرڪاري کاتن جي خلاف شڪايتن جي ازالي جي لاءِ محتسب جي اداري کي انتهائي اهميت وارو قرار ڏيندي چيو ته اهو بنا معاوضي انصاف حاصل ڪرڻ جو آسترين ترين رستو آهي جنهن جي ذريعي شڪايتن تي سراسري طور 58 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي وڃي ٿو. گذريل سال ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ ڪيسز اڪلايا ويا. انهن فيصلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو پڻ اهتمام ڪيو وڃي ٿو ته جيئن عوام ان سهولت مان ??ڌ کان ??ڌ فائدو کڻي سگهي. پاڪستان ۾ آن لائين تعليم جي رجحان بابت صدر چيو ته اهو تعليم جو سستو ذريعو آ??ي، اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ آن لائين تعليم جي سهولت وڌائڻ جي ضرورت آ??ي، اها پاڪستان جي مستقبل جي ضرورت آ??ي، ايڇ اي سي آن لائين تعليم تي پهرين پاليسي ٺاهي آ??ي، ان سان تعليم جي ميدان ۾ تمام گهڻي بهتري ايندي. صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ تعليم ۽ تربي?? جي قدمن جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان ڪوشش ڪئي ته خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ تربي?? جي لاءِ عام اسڪولن ۾ سهولتن جو اهتمام ڪيو وڃي، اهڙي طرح عام عوامي جاين تي انهن جي لاءِ پهچ آسان بڻائي وڃي، وهيل چيئرز ۽ عوامي جاين تي ريمپس جي تعمير جي لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون وڃن، اهڙي طرح انهن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ باعزت روزگار جي موقعن جي فراهمي جي ذريعي پاڻڀرو بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ا??ليتن جي حقن بابت ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان حوالي سان ??ڏي مثبت تبديلي آئي آ??ي، اقليتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان تمام گهڻي بهتري آئي آ??ي، ان بابت آگاهي پيدا ٿي آ??ي، اعليٰ سطح تي فوري ايڪشن ورتو وڃي ٿو. سيالڪوٽ سانحي تي مجموعي طور تي پاڪستان جو ردعمل م??بت اڳڀرائي جو عڪاس آ??ي، ان جي ابتڙ ڀارت ۾ مسلمانن کانپوءِ هاڻي ٻين اقليتن سان ??ڻ اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي. عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان صدر چيو ته ان سلسلي ۾ هن پاڻ ۽ بيگم ثمينه علوي تمام گهڻي محنت ڪئي آ??ي، عورتن کي وراثتي حق نه ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آ??ي، ان ??قصد جي لاءِ قانونسازي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، اهڙي طرح عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي، عورتن کي هنر جي فراهمي سان گڏوگڏ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جيل اءِ آسان ??رضن جي صورت ۾ مالي مدد پڻ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ان ڳالهه جو خصوصي اهتمام ڪيو پيو وڃي ته عورتن کي حڪومت پاران ??راهم ڪيل سهولتن بابت مڪمل آگاهي حاصل هجي ته جيئن اهي انهن سهولتن مان ??ائدو کڻي سگهن. عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر بابت بيگم ثمينه علوي جي سرپرستي ۾ ڀرپور آگاهي مهم جا مثبت اثر پيا آهن، جلد تشخيص سبب علاج جا امڪان ??ڌيا آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ جيترو ڪم ٿيو آهي اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، ان عمل ۾ عالم سڳورن پاران ??ڻ تعاون حاصل رهيو، اها پاڪستان جي لاءِ وڏي مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته اسان ??عاشري ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو، روانگي واپار ۽ تعميرا?? جي شعبي ۾ واڌ جا روزگار تي مثبت اثر پيا آهن. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خاان جي فلاهي رياس?? جي تصور جي حوالي سان ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان ??روگرامز اهم اڳڀرائي آهي جن تحت ڪاروبار جي لاءِ بنا وياج جي قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، معيش?? جي بهتري لاءِ ضروري آهي ته هر طبقي کي اڳتي وڌن جو رستو ڏيڻ گهرجي. صدر اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي حوالي سان چيو ته مستقبل ۾ ووٽنگ آن لائين ٿيندي، عام چونڊ عمل جي تڪرارن ۽ مُشڪلاتن کان بچڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ بهترين حل ثابت ٿيندو، آن لائين ووٽنگ جي سهول?? جي ڪري اوورسيز پاڪستاني پڻ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا، ان حوالي سان سمورن حصيدارن سان گڏجي هوم ورڪ ڪيو ويو آهي تنهن ڪري هاڻي بابت وڌيڪ دير نه ٿيڻ گهرجي. سال 2021ع پوري پاڪستان جي لاءِ آزمائش جو سال رهيو، ڪوويڊ ۽ ان جي معاشي اثرن جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ ان جي عوام جو عزم مثالي رهيو آ??ي، ان حساب سان اسان کي نمايان ڪاميابيون مليون آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ڪوويڊ جي خلاف جنگ جي خلاف ڪارڪردگي ڏيکاري آ??ي، اهڙي طرح فڪري لحاظ کان ??ڻ پاڪستان جي قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي مذهب جي تقدس جي حوالي سان ??وقف جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آ??ي، روس جي صدر جو تازو بيان ان جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ڪورونا کي بهتر انداز ۾ منهن ڏنو ويو، جڏهن ته عالمي سطح تي ٿيندڙ بندشن جا اثر پاڪستان ۾ ضرور ظاهر ٿيا آهن. صدر پينشنرز جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ چيو ته آن لائين سهول?? جي ڪري پينشنرز کي تمام وڏو ريليف مليو آهي.