اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائين ايجوڪيشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جڏهن ته سوشل ميڊيا ٽولز جي مثبت استعمال جي اهميت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجاي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، مصنوعي ذه??نت چوٿين صنعتي انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، پاڪستان ۾ ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي، پاڪستان هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين کي ورچوئل تعليم جي ذريعي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، سائبر حملن جي تدارڪ لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ ڪانفرنس جي قومي سطح جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي گيپ تمام گهڻو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي ڪري ئي ٽيڪنالاجي سستي هجڻ جي باوجود ان کي وقت سر اختيار نه ڪيو ويو، هن ??يو ته آن لائين تعليم جي افاديت سڀني تي ظاهر آهي پر ڪورونا وبا جي دوران ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڌيان ڏنو ويو آهي، اهو واضح رهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو اهو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ان شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري به گهربل ناهي ڇو ته دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آهن ته وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ابتڙ ننڍ??ون ڪمپن??ون وڌيڪ ڪامياب ره??ون آهن، هن ??يو ته پاڪستان ۾ مخصوص سببن ۽ مسئلن جي ڪري ترقي نه ٿي سگهي تنهن هوندي به ان جي صلاحيت موجود آهي، ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت هوندي. صدر ??يو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري علم هر ماڻهو جي پهچ ۾ آهي، ان نئين رجحان روايتي تعليمي نظام کي چئلينج ڪيو آهي، اڄ گهر ويهي تعليم، صحت، ڪاروبار سميت هر سهولت حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، صدر ??يو ته پاڪستان ۾ روايتي تعليم نظام جو گهربل انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري فڪري سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيندو رهيو تنهن هوندي به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري ماڻهن جي پهچ وڌي آهي، پاڪستاني هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آهي، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽن کي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو ورچوئل تعليم جي ذريعي ممڪن آهي، صدر ??يو ته مستقبل ورچوئل ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ??يو ته سائبر وار جي طور تي پاڪستان ۾ روزاني سوين حملا ٿيندا آهن، انهن جي ازالي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 ڪروڙ ماهرن جي ضرورت ٿيندي، پاڪستان ان صورتحال ۾ مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي افرادي قوت مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. صدر ??يو ته مصنوعي ذه??نت چوٿين انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آهي، جنهن قوم پنهنجي مستقبل کي سڃاڻي ورتو ان جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي، هن ??يو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا مثبت ۽ منفي ٻئي رخ آهن، اسان جي نوجوانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته ڪوڙ??ون خبرون معاشري لاءِ نقصانڪار آهن. هن ??يو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن، اهو شعبو تيز رفتار ترقي جا موقعا فراهم ڪندو آهي.پاڪستاني نوجوانن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ ۽ ايسپائر پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳ??ون آهن، ان کان اڳ سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انور پنهنجي خطاب ۾ ??يو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جو قيام صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي سان ممڪن ٿيو آهي، هن پاڪستان انوويٽس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته ان مقابلي ۾ پوري پاڪستان کان تخليق ڪارن حصو ورتو، ان قدم سان اسٽارٽ اپ وينچر ڪيپٽسٽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آهي، هن ??يو ته هاڻي نوجوانن کي پنهنجي تخليق لاءِ گهربل مالي وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان موقعي تي صدر ڪامياب ٿيندڙ هوشيار نوجوانن ۾ انعام به ورهايا، ان کانپوءِ صدر ان موقعي تي لڳايل مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو.