لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪر??شن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، عدم اعتماد جو ??رامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ٻيهر رسوا ٿيندا، پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ اصل ۾ سير ۽ تفريح جو مارچ آهي، سنڌ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ساهيوال پهچي شارٽ مارچ بڻجي چڪو آهي، عدم اعتماد کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر حڪومت سان رابطي ۾ آهن، اتحادين سان مضبوط لاڳاپا آهن، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي لاءِ هٿڪڙيون تيار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ منعقد ورڪشاپ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جڳهه جڳهه تي خوار ٿي رهي آهي، چور ٽولو ڪر??شن بچائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه تي گڏ ٿيو آهي، جن کي حڪومت کي اڍائي سال اڳ فارغ ڪرڻو هو اهي هاڻي عدم اعتماد جو ??رامو رچائي حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪر?? رهيا آهن، پيپلزپارٽي اڳ ۾ نواز شريف جي واپسي جي شرط رکي مريم نواز سان دوکو ڪيو، هاڻي شهباز شريف سان به دوکو ٿيڻو آهي، پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ اصل ۾ سير ۽ تفريح جو مارچ آهي، سنڌ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ساهيوال پهچي شارٽ مارچ بڻجي چڪو آهي ڇو ته ان مارچ ۾ رڳو سنڌ جا سرڪاري ملازم شامل هئا. فرخ حبيب چيو ته مينار پاڪستان جو ??رائونڊ پيپلزپارٽي جي جلسي لاءِ حاضر آهي، حڪومت انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران درخواست ڪئي پئي وڃي ته اسان کي ناصر باغ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان انهن کي چيو ته ايتري وڏي پارٽي آهي ۽ بلاول زرداري جي سربراهي ۾ توهان ايترو وڏو لانگ مارچ ڪر?? رهيا آهيو، توهان مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ جلسو ڪر??و ڇو ته ناصر باغ جو ??رائونڊ ته پي ٽي آءِ اترئين لاهور جي 5 يونين ڪائونسلز سان ڀرجي ويندو آهي، ٻيو ناصر باغ ۾ ته وڻ لڳايا ويا آهن پيپلزپارٽي انهن وڻن کي برباد نه ڪر??. هن چيو ته 1989ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد لاهور آئي ۽ هن مينار پاڪستان جي گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو ته ان وقت دنيا ڏٺو ته ڪهڙي طرح ماڻهن ان جو استقبال ڪيو ۽ مينار پاڪستان جو ??رائونڊ مڪمل ڀرجي ويو، بلاول زرداري به انهي گرائونڊ ۾ جلسو ڪر?? ڏيکاري ته جيئن خبر پئجي سگهي ته هو آصف زرداري جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي يا محترمه بينظير ڀٽو جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ آر يا پار وارا ان گرائونڊ ۾ اچي خوار ٿيا هئا، هاڻي پيپلزپارٽي به پنهنجي ڪوشش ڪر??. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر پاران اهڙي قسم جا سمورا حربا اصل ۾ ڪر??شن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ آهن، اصل جنگ پاپڙ واري، فالودي واري کي بچائڻ جي لاءِ ۽ مقصود چپڙاسي مسرور انور کي بچائڻ جي لاءِ آهي ڇو ته پاپڙ واري ۽ فالودي واري ۾ جان آهي آصف زرداري جي ڪر??شن جي ۽ مقصود چپڙاسي ۽ مسرور انور ۾ شهباز شريف جي جان آهي، لنڊن جي ناليواري اخبار به شريف خاندان کي باقاعده ثبوتن سان چور قرار ڏنو آهي. هن چيو ته نواز شريف خاندان جڏهن 1985ع ۾ سياست شروع ڪئي انهن وٽ ايترا اثاثا نه هئا جيترا هاڻي آهن، انهن سياست کي ڪاروبار بڻايو، اقتدار ۾ اچي ملڪ کي ڦريو ۽ ڪر??شن سان دولت ڪمائي ٻاهر جي بئنڪن ۾ منتقل ڪئي، ڦرلٽ ۽ ڪر??شن ڪرڻ جن جو منشور هجي اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪهڙي ڪندا، لانگ مارچ جو ??رامو رڳو ڪر??شن جو پئسو بچائڻ جي لاءِ بليڪ ميل ڪرڻ جي هڪ ايجنڊا آهي، ڦريل دولت بچائڻ جي لاءِ احتساب جي خوف کان ڪالهه جا سياسي مخالف هاڻي دوست بڻجي چڪا آهن، مسلم ليگ (ن) جن جو نع??و هو ”زرداري سڀ کان وڏي ڪر??شن جي بيماري“ هاڻي اهي ان جهوليءَ ۾ ويهي رهيا آهن. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين ئي تقرير ۾ چيو هو ته ڪر??شن ڪندڙن کي معاف نه ڪندس، هن چيو هو ته مون کي خبر آهي جڏهن آئون انهن چورن تي هٿ وجهندس ته اهي هڪ جڳهه تي گڏ ٿي ويندا ۽ اين آر او جي لاءِ حڪومت کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا، اڄ وزيراعظم عمران خان جون اهي ڳالهيون سچ ثابت ٿي رهيون آهن، سمورا چور هڪ جڳهه تي گڏ ٿي ويا آهن، جن ڪر??شن ناهي ڪئي هوندي اهي چوندا آهن ته اسان جو ??يس روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي جڏهن ته شهباز شريف وڪيلن ۽ تاريخن جي پٺيان لڪي رهيو آهي، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي لاءِ هٿڪڙيون تيار آهن، تمام جلد پاپڙا وارو، فالودي وارو، مقصود چپڙاسي ۽ مسرور انور انهن کي جيل وٺي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته اسان جا پنهنجي اتحادين سان مضبوط لاڳاپا آهن جڏهن ته مخالف ڌر جي پاڻ ۾ 2 ڏينهن جي دوستي ۽ 4 ڏينهن جي ويڙهه هوندي آهي، پي ٽي آءِ ڪڏهن به پيپلزپارٽ??، نواز ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان سان هٿ ناهي ملايو، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ۽ احتساب جو عمل جاري رهندو. مملڪتي وزير چيو ته عدم اعتماد کان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر به حڪومت سان رابطي ۾ آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علي زيدي ۽ شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ ڪامياب جلسا ڪر?? رهيا آهن، سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽي جي مسلسل 14 سالا حڪومت کان تنگ اچي چڪا آهن، هاڻي اهي پاڪستان تحريڪ انصاف طرف ڏسي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان به عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ جلسا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.