اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. وفاقي وزيرن، اسلام آبا?? ۾ ??قرر اسلامي م??ڪن جي سفيرن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ شهر جي نمائندن پڻ صدر سان گڏ عيد جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. صدر عيد جي نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن ۾ گهلي م??ي ويو ۽ هو انهن سان عيد مليو. عيد جي نماز جي اجتماع ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، بقاءَ ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت والاريل مسلمان علائقن ج?? غيرملڪي قبضي کان آزادي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. اسلام آباد ۾ عيد جي نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع فيصل مسج?? ۾ ??يو جنهن ۾ هزارين فرزندان اسلام پڻ شريڪ ٿيا. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عيد جي خوشي جي م??قعي تي عوام کي مبارڪباد ڏني.