اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، شسپر گئليشئر واقعي جهڙن واقعن کان ??ست??بل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم، پاڻي جي بچاءُ، موجوده آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. پاڻي جي بچت لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو وڃي. چولستان ۾ انساني وستين ۽ جانورن لاءِ پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت پنهنجي صدارت هيٺ تازي گرمي جي شد??د لهر (هيٽ ويو) ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي هنگامي اجلاس ۾ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي ??زي?? سيد خورشيد شاهه، شيري رحمان، احسان الرحمان مزاري، طارق بشير چيما، مريم اورنگزيب، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ تعليم وارو وفاقي ??زي?? رانا تنوير حسين ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيولنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. ??زي??اعظم جي هدايت تي موسمياتي تبديلي تي فوري طور تي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي. ٽاسڪ فورس ۾ لاڳاپيل وفاقي ??زي??، سيڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل صوبائي سيڪريٽريز، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شامل آهن. ??زي??اعظم جي هدايت تي ٽاسڪ فورس ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ، شسپر گئليشئر جهڙن واقعن کان ??ست??بل ۾ بچاءُ، غذائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ قدم، پاڻي جي بچاءُ، موجوده آبي ذخيرن جي حفاظت ۽ ٻيلن جي تحفظ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي فوري عملدرآمد لاءِ قدم کڻي. ٽاسڪ فورس اڄ سومر جي شام تي ئي پنهنجو پهريون اجلاس منعقد ڪري ۽ ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪري. اجلاس کي تازي گرمي جي شد??د لهر جي باري ۾ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گرمي جي شد??د لهر جو وڏو سبب موسمياتي تبديلي آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ پنجين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جي خطر جي ور چڙهيل ملڪ آهي. ان کانسواءِ پاڪستان کي گليشئر جا وڏا ذخيرا هجڻ جي باوجود پاڻي جي کوٽ جو به خطرو درپيش آهي. انهن سڀني جو سڌو سنئون اثر پاڪستان جي زراعت تي پوندو آهي، ??زي??اعظم هنگامي بنيادن تي ان حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي به هدايت ڪئي،. ??زي??اعظم چيو ته پاڻي جي بچاءُ لاءِ عوامي آگاهي مهم جو آغاز ڪيو وڃي، ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته مينهن جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ لاءِ به آئنده سانوڻي کان پهرين فوري قدم يقيني بڻايا وڃن، ??زي??اعظم کي چولستان ۾ به پاڻي جي کوٽ تي بريفنگ ڏني وئي، ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته چولستان ۾ انسان وستين ۽ جانورن جي لاءِ پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا چولستان ۾ تازي گرمي جي شد??د لهر ۾ فوري امدادي سرگرمين کي يقيني بڻائي، ??زي??اعظم اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي فوري هنزه جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنزه ۾ شسپر گئليشر واقعي ۾ تباهه ٿي منهدم پل کي فوري طور تي تعمير ڪيو وڃي، ??زي??اعظم جي پل جي تعمير تي اڳڀرائي جي حوالي سان ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم تعليم واري وزارت کي سرڪاري اسڪولن ۾ تازي گرمي جي شد??د لهر کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ نجي اسڪولن کي ان تي عملدرآمد لاءِ حڪم جاري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ??زي??اعظم جي صحت واري وزارت کي فوري طور تي ڪووڊ ??? 19 جي نئين سب ويرئينٽ جي حوالي سان تحقيق ۽ ان جي ممڪنه اثرن تي به تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا.