اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسا?? جي زبان ئي سڃاڻپ آهي، جديد دنيا ۾ ڪيتريون ئي زبانون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن، زبان?? جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن“ جي موضوع تي چار ڏينهن انٽرنيشنل ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته زبان مختلف ثقافتن ۽ معاشرن کي گڏ ڪن ٿيون، زبا?? جي ڊاڪيومينٽيشن جهڙي اهم موضوع تي تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ خوش آئنده عمل آهي. هي اهو موضوع آهي، جيڪو اسا?? جي ثقافت ۽ عام روزمره جي زندگي ۾ بلڪل گم ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 80 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان 26 زبانون خاتمي طرف وڌي رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان جا ابا ڏاڏا زبان?? جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا پر موجوده دور ۾ اسان جا ٻار انهن زبانن ۽ ڪلچر کان اڻواقف آهن. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر زبان اسا?? جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جي ڊاڪيومينٽيشن ڪن ٿيون، ان کي پاڪستان ۾ فروغ ملڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو هي ورڪشاپ هڪ اهڙي باب جي شروعات آهي جيڪو زبان، ڪلچر، تاريخ ۽ معاشري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته زبان نه رڳو معاشري، ثقافت ۽ تاريخ کي پنهنجي اندر س??وئ?? وٺي ٿي پر ان سان هڪ اهڙو سماجي تعلق جنم وٺي ٿو جيڪو قوم?? جي سڃاڻپ جو سبب بڻجندو آهي. هن چيو ته حڪومت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي لينگئيسٽڪ مئنيجمينٽ سسٽم جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزير??عظ?? شهباز شريف پاڻ به 6 عالمي زبانون ڳالهائي ٿو، ان کي زبا?? جي اهميت جو چڱي ريت اندازو آهي. هن چيو ته زبان سماجي تعلق ۽ رابطي کي موثر بڻائي ٿي، اها هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا مختلف ثقافتن کي سگهه ڏي ٿي. هن چيو ته زبانن کي محفوظ ڪرڻ ۾ قوم?? جي بقاءَ آهي، ان سان اسا?? جي قومي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسا?? جي نصاب ۾ انهن سڀني شي?? جي کوٽ آهي. اسان کي پنهنجي نوجوان نسل ۽ ٻارن کي زبان?? جي اهميت کان روشناس ڪرڻو پوندو. اسان کي پنهنجي زبان سان پنهنجي ٻار?? جي تعلق کي وڌائڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت سنگل نصاب جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ان تي اسان موثر طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي انهن قدمن کي اسان نصاب ۾ شامل ڪري سگهون ٿا. ان سان ٻارن کي زبانن بابت معلومات ملندي. هن چيو ته پي ٽي وي جي اسڪرين ۽ ريڊيو پاڪستا?? جي آواز ۾ به اوپن يونيورسٽي جي انهن قدمن کي شامل ڪري سگهجي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اوپن يونيورسٽي جو هي قدم نه رڳو زبان?? جي ڊاڪيومينٽيشن آهي پر اهو هڪ ڪلچر، تاريخ، ورثو ۽ قومي تشخص جي ڊاڪيومينٽيشن ان ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي به شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ۾ هن وقت ان انيشيٽو کي آساني سان شامل ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان صوبن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته لينگئيج ڊاڪيومينٽيشن کي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شروع ڪرائي سگهجي ٿو. ان تي مقابلا به ڪرائي سگهجن ٿا. هن چيو ته اسان مختلف ذريعا استعمال ڪري ان کي قومي انيشيٽو ٺاهي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ اسان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 26 زبانون خاتمي طرف وڃي رهيون آهن. خدانخواسته مستقبل ۾ ا?? جي انگ ۾ اضافو ٿي وڃي ان لاءِ اسان کي هنيئر کان ئي پنهنجي زبانن کي محفوظ بڻائڻو پوندو، انهي سان اسا?? جي ڪلچر ۽ سڃاڻپ کي سگهه ملي سگهي ٿي. هن چيو ته ترقي جي لاءِ زبانن جو تحفظ ضروري آهي. اسا?? جي زبان ئي اسا?? جي سڃاڻپ آهي. قوم جي حيثيت سان اسان کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي. اسان سڀني جو فرض آهي ته نوجوان نسل تائين ان پيغام کي پهچايون. واضح رهي ته چئن ڏينهن واري ورڪشاپ جو انعقاد علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي سينٽر فار لينگئيجز اينڊ ٽرانسليشن اسٽڊيز اينڊ او آر آءِ سي يونيورسٽي آف نارٿ ٽيڪساس، آمريڪا ۽ انگلشرز ايل ايل ايل انٽرنيشنل ترڪيءَ جي تعاون سان ڪيو آهي. اهو ورڪشاپ 27 جون تائين جاري رهندو. ورڪشاپ ۾ يونيورسٽي آف نارٿ ٽيڪساس، آمريڪا سان ڊائريڪٽر ورڪشاپ پروفيسر ڊاڪٽر صدف منشي، ايرڪ انگلير، اورنگزيب ۽ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا مان جوناٿن پيرامور شرڪت ڪري رهيا آهن.