بگوٽا -25 آڪٽوبر (اي پي پي) لاطيني آمريڪي ملڪ ڪولمبيا غزه ??ي اسرائيل جي حملن کي ٻي جنگ عظيم دوران يهودين مٿان نازين جي ظلمن برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ڪولمبيا ج?? صدر گسٽاو پيٽرو هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي دفاع واري وزير فلسطينين بابت اها ئي زبان استعمال ڪئي آهي جهڙي زبان جرمن نازين ٻي جنگ عظيم دوران يهودين خلاف استعمال ڪئي هئي. ڪولمبيا ج?? صدر جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ اسرائيل ڪولمبيا جي فوجي سازو سامان جي ايڪسپور?? روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيل جي اعلا?? کان پوءِ ڪولمبيا ج?? صدر ا??رائيل سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.