اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي س??ڪريٽرين کي ??دايت ڪئي آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ??لڪ جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي س??ڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي ??بارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي س??دن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي ??ظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.