اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي سان واڳ??ل ريڊيو سان ڳنڍجي پاڪستان جي بيانيي کي دنيا سان ڳنڍڻ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ، ٽي وي چينلز، سوشل ميڊيا ڪيترن ئي مهينن ک??ن بند آهي، اهڙي صورت ۾ ريڊيو پاڪستان ڪشميرين کي ۽ انهن جي جذبن کي دنيا سان ڳنڍڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي. هو پاڪست??ن براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۾ ڪ??مير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي ج?? حوالي سان ٻه نغما جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.